آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي قيادت ۾ آمريڪا جو اعليٰ سطحي وفد ڇنڇر ڏينهن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد پهچي ويو جتي هو ”اسلام آباد ڳالهين“ ۾ شرڪت ڪندو. وفد ۾ آمريڪي خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ فيرڊ ڪمشنر به شامل آهن. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير …

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي قيادت ۾ آمريڪا جو اعليٰ سطحي وفد ڇنڇر ڏينهن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد پهچي ويو جتي هو ”اسلام آباد ڳالهين“ ۾ شرڪت ڪندو. وفد ۾ آمريڪي خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ فيرڊ ڪمشنر به شامل آهن. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو وزير سيد محسن نقوي وفد جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي مطابق آمريڪي وفد اسلام آباد ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهتو آهي. آمريڪي وفد جي آجيان ڪندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ڊگهي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ آمريڪي ڪوششن کي ساراهيو. نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ڌريون تعميري انداز ۾ ڳالهين ۾ شريڪ ٿينديون. نائب وزيراعظم پاڪستان پاران تڪرار جي ڊگهي ۽ پائيدار حل لاءِ ڌرين لاءِ سهولتڪاري جاري رکڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.