اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) تجزيه نگارن پاڪستان جي سفارتڪاري جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد امن مرڪز طور عالمي ڌيان حاصل ڪيو آهي، فوجي صلاحيت کان سفارتي مهارت تائين پنهنجي ارتقا جو اظهار ڪيو آهي ۽ عالمي اظهار کي جوڙڻ هڪ وچولي طاقت طور پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي. تجزيه نگارن پاڪستان ۾ سفارتي عروج کي ساراهيندي ميڊيا جي مختلف ذريعن سان ڳالهائيندي چيو ته …
پاڪستان پاران دنيا ۾ امن امان کي هٿي وٺرائڻ، مڊل پاور اسٽيٽس جي استحڪام ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي: تجزيه نگار
اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) تجزيه نگارن پاڪستان جي سفارتڪاري جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد امن مرڪز طور عالمي ڌيان حاصل ڪيو آهي، فوجي صلاحيت کان سفارتي مهارت تائين پنهنجي ارتقا جو اظهار ڪيو آهي ۽ عالمي اظهار کي جوڙڻ هڪ وچولي طاقت طور پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي. تجزيه نگارن پاڪستان ۾ سفارتي عروج کي ساراهيندي ميڊيا جي مختلف ذريعن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ڌيان حاصل ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي وچولي طاقت جي حيثيت کي به مستحڪم ڪري رهيو آهي. هنن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته اسلام آباد عملي ۽ پختا نتيجا ڏئي رهيو آهي جيڪو عالمي سطح تي اسٽريٽجڪ دور انديشي، سفارتي مهارت ۽ قدر جوڳي اثر رسوخ جي ناياب ميلاپ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، تجزيه نگار ڊاڪٽر جميل احمد چيو ته پاڪستان جي سفارتڪاري اسٽريٽجڪ ويزن ۽ عمل جوڳن نتيجن جي نفيس ميلاپ جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪي ملڪ کي عالمي معاملن ۾ هڪ قابل اعتماد قوت طور پيش ڪن ٿا. ماريه سلطان ٽياڪڙي ۽ امن کي هٿي ڏيندڙ ملڪ طور اسلام آباد جي وڌندڙ ڪردار تي روشني وڌي ۽ عالمي سطح تي ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو. ڊاڪٽر قمر چيمه واضح ڪيو ته پاڪستان مڊل پاور اسٽيٽس جي سڃاڻپ کي هٿي ڏيندي سفارتي مهارت سان گڏوگڏ پنهنجي فوجي ساک کي به موثر طريقي سان استعمال ڪري رهيو آهي. خالد قيوم تبصرو ڪيو ته دنيا هاڻي پاڪستان کي ويجهي کان ڏسي رهي آهي، عالمي چئيلنجن جي حوالي سان پاڪستان جي عملي ۽ پختن قدمن کي به تسليم ڪري رهي آهي. هن چيو ته عالمي مسئلن تي پاڪستان جي مسلسل مصروفيت قومي مفادن کي عالمي ذميوارين سان متوازن ڪرڻ جي نادر صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو. هن اها به سفارش ڪئي ته پاڪستان علائقائي تڪرارن ۾ ٽياڪڙي لاءِ پنهنجي اسٽريٽجڪ پوزيشن مان فائدو کڻي،گڏيل تعاون کي هٿي ڏي ۽ عالمي پاليسين جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو اثر رسوخ مضبوط ڪري. تجزيه نگارن واضح ڪيو ته اسلام آباد جي فعال مصروفيت هڪ مستحڪم ۽ تعميري وچولي طاقت طور پنهنجي ڪردار تي زور ڏيڻ جوهڪ منفرد موقعو فراهم ڪري ٿي. هن زور ڀريو ته هڪ جامع ۽ جٽادار امن معاهدي جي حاصلات لاءِ مستقل ۽ حقيقي ڪوششون ضروري آهن. ڌرين کي اهم نقطن تي رعايتون حاصل آهن، هو پنهنجي پوزيشن ۾ وڌيڪ لچڪ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن جيڪو گڏيل معاهدي طرف هڪ مثبت رستي جو اشارو ڏئي رهيا آهن، تجزيه نگارن نتيجو ڪڍيو ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جا ٺوس نتيجا نڪري رهيا آهن جنهن سان ڀارت ۽ اسرائيل جي چئلينجن باوجود پاڪستان جي عالمي حيثيت ۾ نمايان واڌ ٿي رهي آهي. جڏهن ته پائيدار امن کي هٿي وٺرائي پئي وڃي.












