آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: سيد يوسف رضا گيلاني

ڊيره غازي خان- 11 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دنيا جي سپر پاور آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، دنيا آڏو پاڪستان جي قدر ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن کوسه هائوس ۾ سردار ذوالفقار علي خان کوسه جي وفات تي تعزيت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته منهنجو …

ڊيره غازي خان- 11 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دنيا جي سپر پاور آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، دنيا آڏو پاڪستان جي قدر ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن کوسه هائوس ۾ سردار ذوالفقار علي خان کوسه جي وفات تي تعزيت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته منهنجو ڊيره غازي خان اچڻ جو مقصد سردار ذوالفقار علي کوسه جي وفات تي سندس پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪرڻ آهي. سردار ذوالفقار علي کوسه ملڪ جو قيمتي اثاثو هو ۽ سندس پُٽن جو ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته منهنجي سردار ذوالفقار علي کوسه سان پراڻي وابستگي هئي ۽ مان دعاڳو آهيان ته الله تعاليٰ مرحوم جا بلند درجا عطا فرمائي. آمريڪا ۽ ايران جي جنگ جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته الله پاڪ پاڪستان کي وڏو مقام عطا ڪيو آهي ۽ هو خطي ۾ امن خاطر اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي سپر پاور ۽ ايران وچ ۾ صلح جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ مان پر اميد آهيان ته ڳالهيون جو اهو سلسلو نتيجي وارو ثابت ٿيندو. ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين کوسه هائوس پهتو ته سردار دوست محمد خان کوسه، سردار حسام الدين کوسه ۽ سردار سيف الدين کوسه سندس آجيان ڪئي.