اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ويمنز فٽبال ٽيم کي فيفا سيريز 2026ع ۾ نمايان ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن. هتي جاري بيان مطابق هن قومي عورت فٽبال ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي کي تعريف جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ان ڪاميابي عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چي ته 8-0 جي شاندار فتح قومي عورت رانديگرن جي محنت، …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران پاڪستان ويمنز فٽبال ٽيم کي فيفا سيريز 2026ع ۾ نمايان ڪاميابي تي مبارڪون
اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ويمنز فٽبال ٽيم کي فيفا سيريز 2026ع ۾ نمايان ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن. هتي جاري بيان مطابق هن قومي عورت فٽبال ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي کي تعريف جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ان ڪاميابي عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چي ته 8-0 جي شاندار فتح قومي عورت رانديگرن جي محنت، لڳن ۽ غير معمولي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته ويمنز ٽيم سُٺي راند پيش ڪري نه صرف ملڪ جي وقار ۾ اضافو ڪيو پر عورتن جي راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ نئين اميد ۽ حوصلي کي به پيدا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني عورتن جو راندين جي ميدان ۾ وڌندڙ ڪردار انتهائي حوصلا افزائي ڪندڙ آهي ۽ ان ڪاميابي سان نوجوان نسل، خاص ڪري نينگرين کي اڳتي وڌڻ جو حوصلو ملندو. سينيٽ چيئرمين ان عزم جو اظهار ڪيو ته عورتن جي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ نئين ٽئلينٽ جي حوصله افزائي ڪرڻ اڻٽر آهي ته جئين ملڪ ۾ راندين جو شعبو وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي. هن چيو ته فيفا سيريز ۾ ڪاميابي مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميابين جو بنياد ثابت ٿيندي ۽ ويمنز فٽ بال ٽيم جي اها ڪارڪردگي راندين جي ميدان ۾ عورتن لاءِ نيون راهون کوليندي. هن چيو ته سڄي قوم پنهنجي ٽيم جي ان ڪاميابي تي فخر ڪري ٿي ۽ ان جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿي.












