ناڻي وارو وفاقي وزير عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وزير، عالمي بينڪ گروپ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي بهار اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو. اهي اجلاس 13 کان 18 اپريل تائين واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيندا. ناڻي واري وزارت جي جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاسن ۾ شرڪت کان اڳ وفاقي وزير بوسٽن جو دورو ڪندو، جتي هو هارورڊ يونيورسٽي ۾ منعقد پاڪستان …

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وزير، عالمي بينڪ گروپ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي بهار اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو. اهي اجلاس 13 کان 18 اپريل تائين واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيندا. ناڻي واري وزارت جي جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاسن ۾ شرڪت کان اڳ وفاقي وزير بوسٽن جو دورو ڪندو، جتي هو هارورڊ يونيورسٽي ۾ منعقد پاڪستان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وفاقي وزير ڪانفرنس ۾ شريڪ ماهرن، پاليسي سازن ۽ پاڪستاني برادري سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪستان جي معيشت، سڌارن وارن قدمن ۽ ترقي جي امڪانن تي خيالن جو اظهار ڪندو. دوري دوران ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي اهم اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ عالمي مالياتي اڳواڻن، ترقياتي شراڪت دارن، پاليسي سازن سان وڏي پيماني تي ملاقاتون ڪندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وزير عالمي مالياتي ادارن جي اعلي قيادت، ورلڊ بينڪ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر(آپريشنز) انا بيردي، آءِ ايف سي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مختار يوپ ۽ ميگا جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سوتومويامامو سان پڻ ملاقات ڪندو. ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف جي اعلي عملدرن، فرسٽ ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊين ڪاٽز، ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر نائجل ڪلارڪ ۽ وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي ڊائريڪٽر جهاد ظهور سان پڻ ملاقت ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال، سڌارن ۽ مستقبل جي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. آمريڪا جي دوري دوران ناڻي وارو وزير آمريڪي حڪومت جي اعلي عملدارن سان پڻ ملاقات ڪندو، جن ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ ۽ ناڻي کاتي جي سينيئر عملدارن سميت آمريڪا جو واپاري نمائندو جيميسن گريئر شامل آهن. ناڻي وارو وزير عالمي مالياتي ادارن ۽ عالمي ڪمپنين جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو، جن ۾ فزينڪلن ٽيمپلٽن، روٿس چائلڊ اينڊ ڪمپني، سٽي بينڪ ۽ جي پي مورگن جهڙا عالمي ادارا شامل آهن، جڏهن ته ٽيڪنالوجي ۽ پاليسي شعبن جي نمائندن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. انهن مصروفيتن سان گڏوگڏ ناڻي وارو وزير مختلف ملڪن جي هم منصبن ۽ اعلي قيادت سان پڻ ملاقاتون ڪندو، جن ۾ چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتون، ترڪيه ۽ برطانيا جا اڳواڻ شامل آهن. جن ۾ آءِ ايف اي ڊي، گيٽس فائونڊيشن، ايشيائي ترقياتي بينڪ، جائيڪا ۽ ايشين انفراسٽرڪچر انوسيٽمنٽ بينڪ شامل آهن. دوري دوران ناڻي وارو وزير جي 24 اجلاسن ۾ موسمياتي قدمن لاءِ ناڻي واري وزيرن جي اتحاد سميت اهڪ عالمي فورمز ۾ شرڪت ڪندو، هو مختلف اعلي سطحي ويهڪن ۽ رائونڊ ٽيبل اجلاسن ۾ پڻ حصو وٺندو، جتي عالمي معيشت، مالياتي سڌارن، موسمياتي فنانس ۽ ترقياتي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. وفاقي وزير جي دوري جو هڪ اهم حصو ان جي ورلڊ بينڪ جي انتظام هيٺ هڪ خاص اجلاس ۾ شرڪت آهي، جتي هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) ذريعي پاڪستان ۾ سماجي تحفظ جي ڊجيٽل نظام جا تجربا ۽ ڪاميابيون پيش ڪيون وينديو، جڏهن ته ان کانسواءِ ناڻي وارو وزير سيڙپڪاري فورمز گول ميز اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو، جن ۾ جيفريز، جي پي مورگن ۽ سٽي بينڪ جي انتظام هيٺ اجلاس شامل آهن، جتي هو پاڪستان جي معاشي اهڃاڻن، سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندو. ناڻي وارو وزير روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۽ پرڏيهه مان موڪليل ناڻن جي حوالي سان هڪ خاص تقريب ۾ شرڪت ڪندو، جيڪا اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ منعقد ڪئي ويندي. ناڻي وارو وزير يو ايس پاڪستان بزنس ڪونسل جي ميمبرن ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري سان پڻ ملاقات ڪندو ته جئين سيڙپڪاري جي موقعن کي هٿي وٺرائي سگهجي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. پنهنجي دوري دوران ناڻي وارو وزير 50 کان وڌيڪ اهم ملاقاتون، اجلاسن ۽ ويهڪن ۾ شرڪت ڪندو، جن سان عالمي اقتصادي برادري سان پاڪستان جي فعال ڪرادر جي عڪاسي ٿئي ٿي. هي دورو پاڪستان جي معاشي استحڪام، سڌارن ۽ عالمي مالياتي ادارن سان شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.