اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) سينيٽر شيري رحمان پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي قد ۽ ڪاٺ جي تعريف ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اعتماد جي بحالي ۽ مخالفن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان کي دهشتگردي جو طعنو ڏيندڙ ڀارت لاءِ عالمي امن تي ڌيان ڏيڻ مشڪل ٿي رهيو آهي. هن ڇنڇر ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ايران ۽ …
پاڪستان مخالفن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو: سينيٽر شيري رحمان
اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) سينيٽر شيري رحمان پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي قد ۽ ڪاٺ جي تعريف ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اعتماد جي بحالي ۽ مخالفن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان کي دهشتگردي جو طعنو ڏيندڙ ڀارت لاءِ عالمي امن تي ڌيان ڏيڻ مشڪل ٿي رهيو آهي. هن ڇنڇر ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ايران ۽ آمريڪا کي جنگ کان ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان جي سفارتي فتح کي ساراهيو. هن وضاحت ڪئي ته ٻنهي ملڪن لاءِ پنهنجي بنيادي مفادن کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته هر ملڪ پنهنجي عوامي سڃاڻپ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن چيو ته امن ڳالهين لاءِ ٻنهي ڌرين جي ميزباني ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ٻنهي ملڪن جي خدشا ٻڌا وڃن، اعتماد کي برقرار رکيو وڃي ۽ تعميري ڳالهين کي هٿي ڏني وڃي. شيري رحمان مصر، ترڪيه، سعودي عرب ۽ چين جهڙن ملڪن جي حمايت کي تسليم ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي قيادت، مخالف ٻن ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي سفارتڪاري هڪ اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي جتي ٻئي ڌريون پنهنجي بنيادي پوزيشنز تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پر امن طريقي سان ڳالهيون ڪري سگهن ٿا. شيري رحمان ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته جاري امن ڳالهيون هڪ اهم ڪاميابي آهن، ٻئي متحارب ملڪ هاڻي هڪ ئي ميز تي آهن جيڪو عالمي سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي قيادت جو واضح ثبوت آهي. هن نشاندهي ڪئي ته ڀارت، جيڪو ڪڏهن پاڪستان کي ”دهشتگردن جو مرڪز“ قرار ڏيندو هو، هاڻي پنهنجي ناڪام سفارتڪاري جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي. شيري رحمان امن امان لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي قبول ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي ناڪامي تي تنقيد ڪندي چيو ته عالمي برادري هاڻي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۾ هاڪاري تبديلي کي تسليم ڪري رهي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي ته پاڪستان جي سهڪار سان ٻئي متحارب ملڪ گڏيل اعتماد کي برقرار رکندي پنهنجون ڳالهيون جاري رکندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته امن ڳالهيون تعميري طور اڳتي وڌنديون.












