مصر جو آمريڪا – ايران جنگ بندي کي علائقائي امن لاءِ بنياد بڻائڻ تي زور

قاهره- 11 اپريل (اي پي پي) مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي جنگ بندي کي خطي ۾ وسيع امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ اهم موقعو قرار ڏيندي ان تي اڳتي وڌڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مصر جي ايوان صدر مطابق صدر السيسي اها ڳالهه اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي، جنهن ۾ وچ اوڀر جي …

قاهره- 11 اپريل (اي پي پي) مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي جنگ بندي کي خطي ۾ وسيع امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ اهم موقعو قرار ڏيندي ان تي اڳتي وڌڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مصر جي ايوان صدر مطابق صدر السيسي اها ڳالهه اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي، جنهن ۾ وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ تڪرارن جي حل لاءِ باضابطا ڳالهين جي شروعات انتهائي ضروري آهي. صدر السيسي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ مصر جي سفارتي ڪوششن جو ذڪر ڪندي عرب ملڪن جي سلامتي ۽ خود مختياري جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڪنهن به قسم جي اڳرائي يا وسيلن کي خطري ۾ وجهڻ جي شديد مذمت ڪئي. ٻئي پاسي اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني آبناءِ هرمز کي عالمي جهاز راني لاءِ بنا رڪاوٽ کولڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ نار ملڪن جي سيڪيورٽي برقرار رکڻ جي ضرورت کي اجاڳر ڪيو. هن ايران جي ائٽمي پروگرام معاهدي جي ضرورت ۽ جنگ جي ٻيهر شروعات کي روڪڻ جي قدمن تي به زور ڀريو. هن انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مصر سان سهڪار ۽ رابطا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.