آمريڪا ۾ ويزا فراڊ ڪيس، 10 ڀارتي شهرين تي فرد جرم لاڳو

نيويارڪ- 11 اپريل (اي پي پي) آمريڪا ۾ ويزا فراڊ جي هڪ ڪيس ۾ 10 ڀارتي شهرين تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. آمريڪي انصاف واري کاتي مطابق جوابدارن تي الزام آهي ته انهن ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ جعلي هٿياربند ڦورن جي سازش تيار ڪئي، عملدارن مطابق بوسٽن ۾ وفاقي گرينڊ جيوري جوابدارن تي ويزا فراڊ جي سازش جو باضابطا الزام مڙهيو. ان کان اڳ مارچ ۾ انهن ماڻهن …

نيويارڪ- 11 اپريل (اي پي پي) آمريڪا ۾ ويزا فراڊ جي هڪ ڪيس ۾ 10 ڀارتي شهرين تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. آمريڪي انصاف واري کاتي مطابق جوابدارن تي الزام آهي ته انهن ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ جعلي هٿياربند ڦورن جي سازش تيار ڪئي، عملدارن مطابق بوسٽن ۾ وفاقي گرينڊ جيوري جوابدارن تي ويزا فراڊ جي سازش جو باضابطا الزام مڙهيو. ان کان اڳ مارچ ۾ انهن ماڻهن خلاف شروعاتي فوجداري شڪايت داخل ڪئي وئي هئي. انصاف واري کاتي جي بيان مطابق جوابدارن مبينا طور تي سهولت اسٽورز ۾ فرضي هٿياربند ڦورن جو منصوبو بڻايو، ته جيئن اتي ڪم ڪندڙ ماڻهو پاڻ کي ڏوهه جو شڪار ظاهر ڪري اميگريشن جي درخواستن مان فائدو حاصل ڪري سگهن. عملدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿي وڃي ٿو ته جوابدارن کي وڌ کان وڌ 5 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته سزا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ انهن کي ملڪ مان نيڪالي به ڏئي سگهجي ٿي.