ناسا جو آرٽيمس 2 مشن ڪاميابي سان مڪمل، خلا بازن جي حفاظت سان واپسي

لاس اينجلس- 11 اپريل (اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسان جو آرٽيمس 2 مشن ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو، جنهن کانپوءِ 4 خلا باز 10 ڏينهن چنڊ جي چوڌاري سفر ڪرڻ کانپوءِ حفاظت سان زمين تي واپس اچي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق اورائن خلائي ڪيپسول جمعي جي شام مقامي وقت مطابق 5 لڳي 7 منٽن تي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان ڊياگو جي سمنڊ ڪناري کان اٽڪل 96 …

لاس اينجلس- 11 اپريل (اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسان جو آرٽيمس 2 مشن ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو، جنهن کانپوءِ 4 خلا باز 10 ڏينهن چنڊ جي چوڌاري سفر ڪرڻ کانپوءِ حفاظت سان زمين تي واپس اچي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق اورائن خلائي ڪيپسول جمعي جي شام مقامي وقت مطابق 5 لڳي 7 منٽن تي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان ڊياگو جي سمنڊ ڪناري کان اٽڪل 96 ڪلوميٽر پري ماٺي سمنڊ ۾ لٿو. هي 1972ع ۾ اپالو 17 مشن کانپوءِ پهريون انساني چنڊ مشن آهي. واپسي تي مشن جي ڪمانڊر ريڊوائز مين ٻڌايو ته سمورا خلاباز خيريت سان آهن. ناسا مطابق مشن دوران عملي مجموعي طور تي 11 لک 20 هزار ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪيو ۽ زمين تان سڀ کان وڌيڪ فاصلي تائين جو نئون رڪارڊ به قائم ڪيو. خلائي ڪيپسول زمين جي ماحول ۾ داخل ٿيڻ وقت هڪ جديد ۽ ترميم ٿيل رستو اختيار ڪيو، جنهن جو مقصد حرارت جي دٻاءَ کي گهٽ ڪرڻ هو. اها تبديلي 2022ع ۾ آرٽيمس 1 جي غير انساني تجرباتي مشن دوران سامهون ايندڙ مسئلن کانپوءِ ڪئي وئي. خلا بازن جي حفاظت سان واپستي لاءِ آمريڪي بحريه جو جهاز يو ايس ايس جان پي مرٺا موقعي تي موجود هو، جنهن ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو. ناسا اختيارين مطابق آرٽيمس 2 مشن مستقبل ۾ چنڊ تي انساني لينڊنگ جي راهه هموار ڪندو، جنهن تحت 2028ع تائين چنڊ تي ٻيهر انسان موڪلڻ ۽ ڊگهي مدي جي بنياد تي اتي بيس قائم ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.