سرينگر- 11 اپريل (اي پي پي) غير قانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ نيشنل ڪانفرنس جي صدر ۽ اڳوڻي وڏي وزير فاروق عبدالله چيو آهي ته الله جو شڪر آهي ته جنگ روڪي وئي آهي، مون کي اميد آهي ته اها مستقبل ۾ به رُڪيل رهندي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فاروق عبدالله سرينگر ۾ سڌ سماءَ جي نمائندن سان ڳالهائيندي اوڀر ايشيا ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي تي اطمينان …
فاروق عبدالله پاران اوڀر ايشيا ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
سرينگر- 11 اپريل (اي پي پي) غير قانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ نيشنل ڪانفرنس جي صدر ۽ اڳوڻي وڏي وزير فاروق عبدالله چيو آهي ته الله جو شڪر آهي ته جنگ روڪي وئي آهي، مون کي اميد آهي ته اها مستقبل ۾ به رُڪيل رهندي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فاروق عبدالله سرينگر ۾ سڌ سماءَ جي نمائندن سان ڳالهائيندي اوڀر ايشيا ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سڄي دنيا ۾ ڊگهي امن قائم ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته دنيا ۾ امن قائم ٿيندو ته اسان سڀ ان مان فائدو کڻنداسين. هن چيو ته انسانيت کان وڏي ڪا ٻئي شي نه آهي. انسانيت تڪليف ۾ هجي ته ان کي تڪليف کان بچائڻ ضروري آهي.











