واشنگٽن-10 اپريل (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جي امڪانن بابت پُراميد آهي. هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ آمريڪي صدر چيو ته ايران سان جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون مثبت رخ ۾ وڃي سگهن ٿيون. هن چيو ته آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس انهن ڳالهين ۾ آمريڪي وفد جي قيادت ڪندو. آمريڪي صدر …
اسلام آباد ۾ آمريڪا- ايران ڳالهين لاءِ پُراميد آهيون: ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
واشنگٽن-10 اپريل (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جي امڪانن بابت پُراميد آهي. هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ آمريڪي صدر چيو ته ايران سان جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون مثبت رخ ۾ وڃي سگهن ٿيون. هن چيو ته آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس انهن ڳالهين ۾ آمريڪي وفد جي قيادت ڪندو. آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته ايران جا اڳواڻ عوامي بيانن جي ابتڙ ڳالهين ۾ وڌيڪ لچڪ ڏيکارين ٿا ۽ وڌيڪ معقول انداز ۾ ڳالهه ڪن ٿا، جڏهن ته هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن معاهدو نه ٿيو ته صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي. هن اهو به چيو ته هن اسرائيل کي چيو آهي ته لبنان ۾ پنهنجون عسڪري ڪارروايون گهٽائي ته جيئن ڳالهين لاءِ مناسب ماحول قائم ڪري سگهجي. اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جي حوالي سان ٽرمپ چيو ته هن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ هو تحمل ڏانهن وڃي رهيا آهن. اهي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ خطي ۾ جنگ بندي ۽ سفارتي ڪوششون جاري آهن.











