آبنائي هرمز کليل آهي، آمريڪي جهاز به گذري سگهن ٿا: ايران جو  نائب پرڏيهي وزير

تهران-10 اپريل (اي پي پي) ايران جي نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زاده چيو آهي ته آمريڪي سامونڊي جهاز به آبنائي هرمز مان گذري سگهن ٿا، جيستائين هو ڪو جارحاڻو طرز عمل اختيار نه ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب سعيد خطيب زاده ٻڌايو ته آبنائي هرمز کليل آهي پر فني سببن جي ڪري جهازن لاءِ ضروري آهي ته هو ايراني فوج سان رابطو رکن. سندس چوڻ هو ته اسان آبنائي هرمز …

تهران-10 اپريل (اي پي پي) ايران جي نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زاده چيو آهي ته آمريڪي سامونڊي جهاز به آبنائي هرمز مان گذري سگهن ٿا، جيستائين هو ڪو جارحاڻو طرز عمل اختيار نه ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب سعيد خطيب زاده ٻڌايو ته آبنائي هرمز کليل آهي پر فني سببن جي ڪري جهازن لاءِ ضروري آهي ته هو ايراني فوج سان رابطو رکن. سندس چوڻ هو ته اسان آبنائي هرمز ۾ موجود پنهنجي محفوظ رستن ذريعي جهازن جي محفوظ سفر کي يقيني بڻائينداسين، ان کان اڳ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي تنقيد ڪندي چيو ته هو آبنائي هرمز ذريعي تيل جي چرپر جي معاملي ۾ غلط ڪم ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هي اهو معاهدو ناهي جيڪو اسان جي وچ ۾ طئي ٿيو هو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايران جي سرڪاري ميڊيا ۾ شايع ٿيل هڪ بيان ۾ پاسداران انقلاب آبنائي هرمز مان گذرڻ جو ارادو رکندڙ سامونڊي جهازن کي صلاح ڏني هئي ته هو سامونڊي حفاظت جي اصولن تي عمل ڪن ۽ سامونڊي بارودي سرنگهن کان محفوظ رهڻ لاءِ متبادل رستو اختيار ڪن، پاسداران انقلاب پنهنجي بيان ۾ متبادل رستن جو تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ نقشو به جاري ڪيو آهي.