سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان آمريڪي هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو، لبنان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض – 10 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي معاهدي جي حوالي سان خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن لبنان جي تازي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون. …

رياض – 10 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي معاهدي جي حوالي سان خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن لبنان جي تازي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون. شهزاده فيصل بن فرحان سان اسپين جي پرڏيهي وزير به رابطو ڪيو، جنهن ۾ خطي جي صورتحال، سلامتي ۽ استحڪام تي اثرن، ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.