گڏيل قومن جي خاص نمائندي پاران ايران جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون، امن قائم ڪرڻ لاءِ عزم جو ورجاءُ

گڏيل قومون _ 10 اپريل(اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي وچ اوڀر بابت خاص نمائندي جين آرنالٽ ايران جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن، جن ۾ پرڏيهي وزارت جا عهديدار ۽ ايران جي ريڊ ڪريسنٽ جا نمائندا شامل هئا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترجمان اسٽيفن ڊووجارڪ ٻڌايو ته جين آرنالٽ انهن ملاقاتن دوران جاري تڪرارن جي حل بابت رايا ٻڌا ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل …

گڏيل قومون _ 10 اپريل(اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي وچ اوڀر بابت خاص نمائندي جين آرنالٽ ايران جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن، جن ۾ پرڏيهي وزارت جا عهديدار ۽ ايران جي ريڊ ڪريسنٽ جا نمائندا شامل هئا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترجمان اسٽيفن ڊووجارڪ ٻڌايو ته جين آرنالٽ انهن ملاقاتن دوران جاري تڪرارن جي حل بابت رايا ٻڌا ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان ٻڌايو ته ايلچي انهن شهري هنڌن جو به دورو ڪيو جيڪي تازن حملن ۾ متاثر ٿيا هئا. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل جي هدايت تي جين آرنالٽ وچ اوڀر جي مختلف ملڪن جو دورو جاري رکندو ته جيئن ڇڪتاڻ جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ ڪوششن کي اڳتي وڌائي سگهجي. گڏيل قومن ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ جامع حل لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رهنديون.