آمريڪا سان جنگ نه ٿا چاهيون پر پنهنجن حقن جو دفاع ڪنداسين: ايران

تهران - 10 اپريل(اي پي پي)ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي تازي لکت واري پيغام ۾ چيو آهي ته سندس ملڪ آمريڪا سان جنگ نه ٿو چاهي پر هڪ قوم طور پنهنجن حقن جو دفاع ڪندو. پرڏيهي ميڊيا ايران جي سرڪاري ٽيليويزن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اهو پيغام سندس والد آيت الله خامنه اي جي وفات کي 40 ڏينهن پورا ٿيڻ جي موقعي تي پڙهي ٻڌايو …

تهران – 10 اپريل(اي پي پي)ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي تازي لکت واري پيغام ۾ چيو آهي ته سندس ملڪ آمريڪا سان جنگ نه ٿو چاهي پر هڪ قوم طور پنهنجن حقن جو دفاع ڪندو. پرڏيهي ميڊيا ايران جي سرڪاري ٽيليويزن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اهو پيغام سندس والد آيت الله خامنه اي جي وفات کي 40 ڏينهن پورا ٿيڻ جي موقعي تي پڙهي ٻڌايو ويو، جيڪو 28 فيبروري تي ٿيل حملن جو نشانو بڻيو هو. مجتبيٰ خامنه اي جو چوڻ هو ته اسان جنگ چاهي هئي ۽ نه ئي چاهيون ٿا پر اسان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجن جائز حقن تان هٿ نه کڻنداسين ۽ ان سلسلي ۾ اسان ان سموري مزاحمت کي هڪ مجموعي فرض سمجهون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ايران آبنائي هرمز جي اسٽريٽجڪ انتظام کي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ڪندو. هن ايران جي عوام کي مخاطب ڪندي چيو ته جنگ بندي جي اعلان باوجود هو اهو نه سوچين ته روڊن تي نڪرڻ هاڻي ضروري ناهي رهيو.