لبنان مان نڪري وڃڻ جو حڪم واپس ورتو وڃي: ڊبليو ايڇ او پاران اسرائيل کان مطالبو

جنيوا-10 اپريل (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري جي سربراهه ٽيڊروس ايذهانوم گيبريس اسرائيل کان لبنان جي هڪ علائقي مان نڪري وڃڻ جو حڪم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ان قدم سان ڪيترن ئي مريضن جون زندگيون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون. پرڏيهي ميڊيا موجب پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسرائيلي دفاعي فوج طرفان جاري ڪيل واپسي جو حڪم بيروت جي ڏکڻ واري علائقي …

جنيوا-10 اپريل (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري جي سربراهه ٽيڊروس ايذهانوم گيبريس اسرائيل کان لبنان جي هڪ علائقي مان نڪري وڃڻ جو حڪم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ان قدم سان ڪيترن ئي مريضن جون زندگيون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون. پرڏيهي ميڊيا موجب پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسرائيلي دفاعي فوج طرفان جاري ڪيل واپسي جو حڪم بيروت جي ڏکڻ واري علائقي جناح کي نشانو بڻائي ٿو، جتي ٻه وڏيون اسپتالون موجود آهن. هن موجب انهن اسپتالن ۾ اٽڪل 450 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 40 آءِ سي يو ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته انهن مريضن جي منتقلي لاءِ ڪا متبادل طبي سهولت دستياب ناهي جنهن سبب علائقي مان واپسي عملي طور ممڪن ناهي.