گڏيل قومون-10 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي هڪ نئين رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته عالمي سطح تي ترقياتي ماليات جا رجحان صحيح رخ ۾ نه پيا وڃن، پر ڪيترن ئي شعبن ۾ اڳڀرائي رڪجڻ سان گڏوگڏ مخالف رخ ۾ وڃي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪمزور عالمي سهڪار، وڌندڙ واپاري رڪاوٽن، سياسي ۽ جاگرافيائي ڇڪتاڻ ۽ موسمياتي تبديلين سبب اسرندڙ ملڪن کي شديد مالي …
عالمي ترقياتي مالي رجحان خطرناڪ رخ ۾ وڃي رهيا آهن: گڏيل قومن جي رپورٽ

مزید خبریں
گڏيل قومون-10 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي هڪ نئين رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته عالمي سطح تي ترقياتي ماليات جا رجحان صحيح رخ ۾ نه پيا وڃن، پر ڪيترن ئي شعبن ۾ اڳڀرائي رڪجڻ سان گڏوگڏ مخالف رخ ۾ وڃي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪمزور عالمي سهڪار، وڌندڙ واپاري رڪاوٽن، سياسي ۽ جاگرافيائي ڇڪتاڻ ۽ موسمياتي تبديلين سبب اسرندڙ ملڪن کي شديد مالي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو آهي. خاص ڪري غريب ۽ ڪمزور ملڪن کي، پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل فنڊن ۾ وڏي گهٽتائي درپيش آهي. گڏيل قومن جي نائب سيڪريٽري جنرل آمنه محمد چيو ته عالمي ترقي لاءِ گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن، ٻي صورت ۾ هن وقت تائين ڪيل محنت ضايع ٿي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرندڙ ملڪن کي وڌندڙ قرضن، گهٽجندڙ پرڏيهي امداد، گهٽ سيڙپڪاري ۽ وياج جي بلند شرح جهڙا مسئلا درپيش آهن، جڏهن ته 2024ع ۾ قرضن جي ادائيگي 20 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي معاملن جي شعبي جي سربراهه لي جن هوا چيو ته موجوده حالتن ۾ عالمي سهڪار کي شديد خطرا درپيش آهن، ڇاڪاڻ جو سياسي عمل معاشي پاليسين تي اثر انداز ٿي رهيا آهن. جڏهن ته رپورٽ ۾ اهو به نشاندهي ڪئي وئي آهي ته تجديد جوڳي توانائي ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، جيڪا 2024ع ۾ رڪارڊ 2.2 ٽريلين ڊالر تائين پهچي وئي، جڏهن ته فوسل فيول ۾ سيڙپڪاري گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي.











