وزيراعظم کي فرانس جي صدر جو فون، آمريڪا ۽ ايران ۾ جنگبندي ۽ ثالثي جي ڪوششن تي وزيراعظم کي مبارڪباد

اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس لبنان ۾ جاري جارحيت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ تشدد ۽ رتوڇاڻ جي فوري خاتمي تي زور ڏنو آهي جڏهن ته فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي ۽ ڌرين کي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻڻ ۽ ثالثي جي ڪوششن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي …

اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس لبنان ۾ جاري جارحيت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ تشدد ۽ رتوڇاڻ جي فوري خاتمي تي زور ڏنو آهي جڏهن ته فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي ۽ ڌرين کي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻڻ ۽ ثالثي جي ڪوششن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ٽيليفون ڪئي. گرمجوش ۽ خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران صدر ميڪرون ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۽ ٻنهي ڌرين کي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻڻ ۾ پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. هن اسلام آباد م ٿيندڙ ايندڙ امن ڳالهه ٻولهه جي ڪاميابي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر ميڪرون پاران پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي حمايت تي ٿورا ادا ڪندي وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جاري جارحيت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ زور ڏنو ته تشدد ۽ رتوڇاڻ جو فوري خاتمو  ضروري آهي ته جيئن پوري خطي ۾ امن بحال ڪري سگهجي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.