بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه پاران ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪامياب ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪامياب ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ان اڳڀرائي سان خطي ۾ پائيدار امن جا امڪان روشن ٿيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بحرين جي فرمانروا …

اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪامياب ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ان اڳڀرائي سان خطي ۾ پائيدار امن جا امڪان روشن ٿيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۾ پاڪستان جي ڪامياب ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ان اڳڀرائي سان خطي ۾ پائيدار امن جا امڪان روشن ٿيا آهن. وزيراعظم پاڪستان جي امن ڪوششن جي حمايت تي بحرين جي شاهه جا ٿورا ادا ڪيا ۽ گذريل ڇهن هفتن دوران حملن جي ڏس ۾ بحريني قيادت پاران مثالي تحمل کي ساراهيو. هن تازي ڇڪتاڻ دوران بحرين ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، متاثر خاندانن سان تعزيت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.