اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي نائب صدر ۽ پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي ڪاجا ڪالس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جنگبندي جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگبندي جو مڪمل …
اسحاق ڊار جي يورپي يونين جي نائب صدر ۽ پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي ڪاجا ڪالس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي نائب صدر ۽ پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي ڪاجا ڪالس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جنگبندي جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگبندي جو مڪمل احترام ۽ موثر لاڳو يقيني بڻايو وڃي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته وچ اوڀر ۾ عارضي جنگبندي جي انتظامن کي پڻ برقرار رکيو وڃي. يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي خطي ۾ امن، ڳالهه ٻولهه ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪوششن جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.












