اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) پاڪستان لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ بيگناهه جانين جي زيان ۽ انفراسٽرڪچر جي وسيع پئماني تي تباهي ٿي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي قدم خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ جاري عالمي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ اها …
پاڪستان پاران لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت
اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) پاڪستان لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ بيگناهه جانين جي زيان ۽ انفراسٽرڪچر جي وسيع پئماني تي تباهي ٿي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي قدم خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ جاري عالمي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ اها عالمي قانون ۽ بنيادي انساني اصولن جي کليل خلاف ورزي آهي. بيان ۾ پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها لبنان جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري ۽ ٺوس قدم کڻي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ لبنان جي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت سان گڏوگڏ ان جي امن ۽ استحڪام جي حمايت ڪري ٿو.












