لاهور-09 اپريل(اي پي پي)اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي انتظام هيٺ ويساکي ميلي ۽ 327 هين خالصه جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي سک ياتري 10 اپريل جمعي ڏينهن تي واگها بارڊر رستي پاڪستان ايندا. ياتري 19 اپريل تائين پاڪستان ۾ قيام ڪندا جتي اهي ننڪانه صاحب، گوردواره پنجه صاحب، حسن ابدال ، گوردواره درٻار صاحب ڪرتا پور ۽ ٻين جاين جي زيارت ڪندا. ان حوالي سان ايڊيشنل سيڪريٽري شرائنز ناصر …
ويساکي ميلي جون تقريبون، ڀارت مان سک ياتري جمعي ڏينهن پاڪستان پهچندا
لاهور-09 اپريل(اي پي پي)اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي انتظام هيٺ ويساکي ميلي ۽ 327 هين خالصه جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي سک ياتري 10 اپريل جمعي ڏينهن تي واگها بارڊر رستي پاڪستان ايندا. ياتري 19 اپريل تائين پاڪستان ۾ قيام ڪندا جتي اهي ننڪانه صاحب، گوردواره پنجه صاحب، حسن ابدال ، گوردواره درٻار صاحب ڪرتا پور ۽ ٻين جاين جي زيارت ڪندا. ان حوالي سان ايڊيشنل سيڪريٽري شرائنز ناصر مشتاق چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين قمر الزمان جي حڪمن موجب سک ياترين جي پاڪستان اچڻ جي موقعي تي سيڪيورٽي، رهائش،خوراڪ ۽ سفري سهولتن جا مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن. سک ياترين کي بسن ذريعي ٽن مختلف قافلن ۾ سخت سيڪيورٽي جي انتظامن هيٺ گوردواره جنم اسٿان ننڪانه صاحب پهچايو ويندو. سک ياتري 12 اپريل تي حسن ابدال روانا ٿيندا جتي 14 اپريل تي ڪرتاپور نارووال پهچندا، جتي قيام کان پوءِ 17 اپريل تي گوردواره روهڙي صاحب ايمن آباد جو دورو ڪندي لاهور پهچندا. 18 اپريل تي گوردواره ڊيره صاحب لاهور ۾ قيام ڪندا جڏهن ته 19 اپريل تي دورو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ واگها بارڊر رستي واپس روانا ٿي ويندا.












