اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي)پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته مسجد اقصيٰ جا دروازا کلي ويا آهن ۽ 40 ڏينهن کانپوءِ پهريون ڀيرو فجر جي نماز ادا ڪئي وئي آهي. ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو ته مسلمان امت جي وحدت ۽ اتحاد ئي فلسطين کان ڪشمير تائين مسئلن جو حل آهي. هن چيو ته پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي …
مسجد اقصيٰ جا دروازا کلي ويا آهن، 40 ڏينهن کانپوءِ پهريون ڀيرو فجر جي نماز ادا ڪئي وئي: حافظ طاهر محمود اشرفي
اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي)پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته مسجد اقصيٰ جا دروازا کلي ويا آهن ۽ 40 ڏينهن کانپوءِ پهريون ڀيرو فجر جي نماز ادا ڪئي وئي آهي. ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو ته مسلمان امت جي وحدت ۽ اتحاد ئي فلسطين کان ڪشمير تائين مسئلن جو حل آهي. هن چيو ته پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي ملڪن ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بندي لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ انهن ڪوششن کي حتمي نتيجن تائين پاڪستان جي قيادت، سعودي عرب ۽ چين سان گڏجي پهچايو. حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اڄ ان جو نتيجو آهي جو صيهونيت جو سئو سالن وارو منصوبو ناڪام ٿيو، مسجد اقصيٰ جا دروازا کليا ۽ مسلمانن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ جو رستو بند ٿيو.












