آمريڪي ۽ ايراني وفدن جي پاڪستان آمد ۽ امڪاني معاھدو عالمي ۽ علائقائي امن طرف ھڪ تاريخي قدم ھوندو: البرٽ ڊيوڊ

اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) اقليتي معاملن واري اڳوڻي نيشنل ڪميشن جي ميمبر البرٽ ڊيوڊ پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو آھي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن معاھدو ۽ جنگبندي ڪرائڻ ۾ پاڪستان جي قيادت اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. گذريل ڏينھن ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته جنگبندي خطي ۽ دنيا کي شديد خطرن کان بچائي ورتو آھي، …

اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) اقليتي معاملن واري اڳوڻي نيشنل ڪميشن جي ميمبر البرٽ ڊيوڊ پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو آھي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن معاھدو ۽ جنگبندي ڪرائڻ ۾ پاڪستان جي قيادت اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. گذريل ڏينھن ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته جنگبندي خطي ۽ دنيا کي شديد خطرن کان بچائي ورتو آھي، جيڪڏھن امن قائم نه ٿئي ھا ته خطو ھڪ وڏي ٽڪراءُ جو شڪار ٿي سگھيو ٿي، جنھن جا اثر عالمي امن ۽ معيشت تي انتھائي تباھه ڪندڙ ثابت ٿين ھئا. البرٽ ڊيوڊ چيو ته پاڪستان ھاڻي ھڪ حقيقي امن قائم ڪندڙ ملڪ طور اڀرندي سامھون آيو آھي، اھو موجود قيادت جي پاليسين جو تسلسل آھي، جنھن پاڪستان کي نه رڳو خطي بلڪي عالمي سطح تي ھڪ وڏي ۽ اھم رانديگر طور متعارف ڪرايو آھي. اقليتي معاملن واري اڳوڻي نيشنل ڪميشن جي ميمبر چيو ته آمريڪا ۽ ايران طرفان پاڪستان تي اعتماد ۽ سندن ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو پاڪستان جي موجوده قيادت جي بصيرت ۽ ساک جو مظھر آھي. ھن چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وفدن جي پاڪستان آمد ۽ امڪاني اسلام آباد معاھدو عالمي ۽ علائقائي امن طرف ھڪ تاريخي قدم ھوندو، جنهن جو اثر معيشتن تي به انتھائي ھاڪاري ھوندو ۽ خطي ۾ استحڪام پيدا ڪندو. البرٽ ڊيوڊ چيو ته اھو نتيجو پاڪستان جي قيادت ڌانهن وڃي ٿو جيڪا تھذيبن جي امين آھي. حقيقت ۾ اها قيادت نوبل امن انعام جي حقيقي اميدوار طور سامھون آئي آھي. ھن چيو ته اڄ پاڪستان کي جيڪا عالمي سطح تي سڃاڻپ ملي آھي اھو ان جي سفارتڪاري ۽ امن لاءِ بي مثال عزم جو ثبوت آھي.