ڊي جي حج مڪه جي مقرري لاءِ 3 نالا وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيا آهن: مذهبي معاملن واري وزارت

اسلام آباد-09 اپريل(اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل حج جي مقرري لاءِ 3 نالا وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيا آهن.مذهبي معاملن واري وزارت موجب ڊي جي حج جي عهدي لاءِ محمد علي، ذوالفقار خان ۽ ساجد منظور اسدي جا نالا شامل آهن. محمد علي هن وقت پنجاب ۾، ذوالفقار خان مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ۽ ساجد منظور اسدي اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي …

اسلام آباد-09 اپريل(اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل حج جي مقرري لاءِ 3 نالا وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيا آهن.مذهبي معاملن واري وزارت موجب ڊي جي حج جي عهدي لاءِ محمد علي، ذوالفقار خان ۽ ساجد منظور اسدي جا نالا شامل آهن. محمد علي هن وقت پنجاب ۾، ذوالفقار خان مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ۽ ساجد منظور اسدي اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ساجد منظور اسدي ڊي جي حج طور اڳ به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي قيادت ۾ 6 رڪني ڪميٽي لکت واري امتحان ۾ پاس ٿيل اميداوارن جا انٽرويوز ڪيا. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته موجوده ڊي جي عبدالوهاب سومرو کي حج معاملن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جي توسيع ڏني وئي آهي جڏهن ته مذهبي معاملن واري وزارت حج بابت خريداري جي معاملن لاءِ ڊي جي حج کي اختيارن ۾ پڻ توسيع ڪئي آهي.