لاڙڪاڻو -09 اپريل (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي اڳواٽ تياري جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 13 اپريل 2026ع کان 16 اپريل 2026ع تائين جاري رهندڙ پوليو جي خاتمي واري قومي مهم جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ مهم جي تياري جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايس ايس پي ڪشمور محمد …
ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي اڳواٽ تياري بابت اجلاس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو -09 اپريل (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي اڳواٽ تياري جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 13 اپريل 2026ع کان 16 اپريل 2026ع تائين جاري رهندڙ پوليو جي خاتمي واري قومي مهم جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ مهم جي تياري جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو، ڊي ايڇ او سيد اعجاز علي شاه ضلعي صحت کاتي جا لاڳاپيل عملدارن، تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ اين جي اوز جي نمائدن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر محمد موسيٰ ٻڌايو ته پوليو جي خاتمي واري قومي مهم دوران 342011 ٻارن کي پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جنهن لاء 54 فڪس ٽيمون، جڏهن ته 50 ٽرانزٽ پوائنٽ ۽ 812 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن جيڪي گهر گهر وڃي 5 سال تائين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون جڏهن ته 54 يو سي ايم او مهم جي نگراني ڪندا. اجلاس دوران فيبروري جي پوليو مهم جي مجموعي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ضلعي سطح تي ڪيترا حدف حاصل ڪيا ويا. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سڀني کي گڏ ٿي گهٽ ڪارڪردگي وارين يوسين کي بهتر ڪرڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ته جيئن ڪوبه ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي جڏهن ته انڪاري ڪيسن تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي هن وڌيڪ چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم دوران ڪنهن به قسم جي لا پرواهي نه ڪئي وڃي. ان موقعي تي پي پي ايڇ آءِ، ڊبليو ايچ او جي نمائندن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي۔











