پاڪستان پاران انساني مددگارن ۽ يو اين اهلڪارن خلاف حملن جي خاتمي ۽ عالمي قانونن جي پابندي جو مطالبو

گڏيل قومون-09 اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ انساني مددگارن ۽ يو اين اهلڪارن خلاف وڌندڙ حملن کي نظر ۾ رکندي ”عملي قدمن“ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي ته جيئن انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته جيڪڏهن انساني امداد فراهم ڪندڙ ۽ يو اين اهلڪار محفوظ نه رهندا ته شهري تحفظ جو …

گڏيل قومون-09 اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ انساني مددگارن ۽ يو اين اهلڪارن خلاف وڌندڙ حملن کي نظر ۾ رکندي ”عملي قدمن“ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي ته جيئن انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته جيڪڏهن انساني امداد فراهم ڪندڙ ۽ يو اين اهلڪار محفوظ نه رهندا ته شهري تحفظ جو پورو نظام ڪمزور ٿي ويندو. هن سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2730 لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو، جيڪا سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿي ته هو مقامي ۽ عالمي انساني ڪارڪنن ۽ يو اين اهلڪارن جي تحفظ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته انهن حملن خلاف ڪا سزا نه ملڻ جو مطلب آهي ته اهي واقعا وڌندا ۽ خطرا وڌندا. ڏوهارين جي سڃاڻپ ۽ انهن کي جوابده بڻائڻ ضروري آهي. هن چيو ته انهن حملن خلاف ڪا سزا نه ملڻ جو مطلب آهي ته اهي واقعا وڌندا ۽ خطرا وڌندا. ڏوهارين جي سڃاڻپ ۽ انهن کي جوابده بڻائڻ ضروري آهي. هن چيو ته قرارداد 2730 کي عملي طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ حملن جي نگراني، رجحانن جي رپورٽنگ ۽ جاچ تي عملدرآمد بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.