غزه ۾ اسرائيلي هوائي حملا، هڪ صحافي سميت 4 فلسطيني شهيد

غزه-09 اپريل(اي پي پي)غزه شهر ۾ اسرائيلي هوائي حملن ۾ هڪ صحافي سميت 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه سول ڊفينس پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته سندس ٽيمن اسرائيلي حملن ۾ اولهه غزه سٽي جي رشيد اسٽريٽ ۾ هڪ گاڏي کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ 2 لاش هٿ ڪيا آهن . فلسطيني سيڪيورٽي ذريعن موجب شهيد ٿيلن ۾ صحافي به شامل آهي جيڪو دوحه ۾ قائم …

غزه-09 اپريل(اي پي پي)غزه شهر ۾ اسرائيلي هوائي حملن ۾ هڪ صحافي سميت 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه سول ڊفينس پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته سندس ٽيمن اسرائيلي حملن ۾ اولهه غزه سٽي جي رشيد اسٽريٽ ۾ هڪ گاڏي کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ 2 لاش هٿ ڪيا آهن . فلسطيني سيڪيورٽي ذريعن موجب شهيد ٿيلن ۾ صحافي به شامل آهي جيڪو دوحه ۾ قائم پبلڪ افيئرز ٽي وي نيٽ ورڪ الجزيره مباشر سان وابسته هيو. ان کانپوءِ الجزيره پنهنجي صحافي محمد شاح جي شهادت جي تصديق به ڪئي آهي. هڪ ٻئي واقعي ۾ غزه سٽي جي زيتون محلي جي اوڀر ۾ چوراهي ويجهو شهرين جي هڪ ميڙ تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ ٻه فلسطيني شهيد ٿي ويا . غزه جي صحت واري وزارت موجب آڪٽوبر 2025 ع ۾ جنگ بندي کان پوءِ هيستائين فلسطيني شهرين جي فوتگين جو انگ 736 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 2035 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. اهڙي طرح 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي 72315 فلسطيني شهيد ۽ 172137 زخمي ٿي چڪا آهن.