گڏيل قومون-09 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته لبنان ۾ ڇڪتاڻ سبب 1530 کان به وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ڊپٽي اسپيشل ڪو آرڊينيٽر عمران رياض ٻڌايو ته شهيد ٿيلن ۾ 130 ٻار به شامل آهن جڏهن ته 461 زخمي ٿيا آهن. هن اهڙي صورتحال کي تمام وڏو شهري الميو قرار ڏيندي چيو ته ملڪ مان لڏ پلاڻ جي صورتحال غير …
لبنان ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب هيستائين 1500 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون-09 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته لبنان ۾ ڇڪتاڻ سبب 1530 کان به وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ڊپٽي اسپيشل ڪو آرڊينيٽر عمران رياض ٻڌايو ته شهيد ٿيلن ۾ 130 ٻار به شامل آهن جڏهن ته 461 زخمي ٿيا آهن. هن اهڙي صورتحال کي تمام وڏو شهري الميو قرار ڏيندي چيو ته ملڪ مان لڏ پلاڻ جي صورتحال غير معمولي ٿي چڪي آهي اٽڪل 11 لک کان به وڌيڪ ماڻهن جو 20 سيڪڙو بي گهر ٿي چڪو آهي. گڏيل قومن موجب هن وقت 13800 شهري 678 اجتماعي پناهگاهن ۾ رهن ٿا جڏهن ته 800000 کان به وڌيڪ ماڻهو ميزبان ڪميونٽيز جي عارضي هنڌن تي رهن ٿا . اتي بنيادي سهولتن جي شديد گهٽتائي آهي . هن خبردار ڪيو ته ميزبان ڪميونٽيز تي شديد دٻاءَ آهي ۽ ملڪ جو بنيادي ڍانچو ۽ عوامي خدمتون متاثر ٿي رهيون آهن. هن چيو ته صحت جي شعبي کي به شديد نقصان پهتو آهي. 106 کان به وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آهن. ان ۾ طبي عملي جا 57 ميمبر شهيد ۽ 158 زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته 51 هيلٿ سينٽرز ۽ 6 اسپتالون بند ٿي چڪيون آهن. هن زور ڀري ته ڇڪتاڻ کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، سمورين ڌرين کي عالمي انساني قانون جي پاسداري ڪندي شهرين، انفراسٽرڪچر ۽ طبي عملي جو تحفظ يقيني بڻائڻ گهرجي. گڏيل قومن ڏکڻ لبنان جي متاثرن لاءِ 308 ملين ڊالرن جي هنگامي فنڊ جي اپيل جو به ذڪر ڪيو ، جڏهن ته عهديدار وڌيڪ ٻڌايو ته ان جو رڳو هڪ ڀاڱي ٽيون حصو فنڊ حاصل ٿي سگهي ٿو.











