اسلام آباد- 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ذريعي سيڙپڪارن کي سڀئي سهولتون فراهم ڪرڻ جُون ڪوششُون ڪري رهيا آهيُون، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڪاروبار کان ڪاروباري لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهيُون. اهڙن خيالن جو اظهار هُن سروس لانگ مارچ ٽائرز پرائيويٽ لميٽيڊ جي چيئرمين جن يانگ شينگ سان ڳالهائيندي …
خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ذريعي سيڙپڪارن کي سڀئي سهولتون فراهم ڪرڻ جُون ڪوششُون ڪري رهيا آهيُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد- 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ذريعي سيڙپڪارن کي سڀئي سهولتون فراهم ڪرڻ جُون ڪوششُون ڪري رهيا آهيُون، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڪاروبار کان ڪاروباري لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهيُون. اهڙن خيالن جو اظهار هُن سروس لانگ مارچ ٽائرز پرائيويٽ لميٽيڊ جي چيئرمين جن يانگ شينگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن خميس ڏينهن چار رڪني وفد سان گڏ هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته سروس لانگ مارچ جهڙا گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي، نوان روزگار جا موقعا، ٽيڪنالاجي شيئرنگ ۽ برآمدات ۾ واڌ لاءِ تمام گهڻا ضروري آهن. چيئرمين سروس لانگ مارچ جن يانگ شينگ پاڪستان ۾ سيڙپڪار دوست نظام ۽ حڪومت جي مُعاشي پاليسين کي ساراهيو. وزيراعظم کي سروس لانگ مارچ ٽائرز جي نئين سيڙپڪاري جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته سروس لانگ مارچ روانگي واپار تي ڌيان ڏئي رهي آهي، سال 2024ع-2025ع ۾ ڪمپني جي برآمدي آمدني 54 ملين آمريڪي ڊالر رهي، بريفنگ موجب، وفاقي سيڙپڪاري بورڊ سروس لانگ مارچ ٽائرز کي مختلف شعبن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششُون ڪري رهيو آهي. نوري آباد، سنڌ ۾ سروس لانگ مارچ ٽائرز جي سول ڊولپمينٽ زون sole development Zone)) جي قيام جي حوالي سان وفاقي سيڙپڪاري بورڊ سڀئي ضروري سهولتون فراهم ڪيون آهن. مُلاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، ناڻي ۽ ريلوي جو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جو خاص مددگار هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.












