نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ازبڪستان جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 09 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف سان ٽيليفون تي وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي جي تازي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، پرڏيهي وزير بختيار سيدوف پاڪستان جي قيادت جي واکاڻ ڪئي ۽ امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان پاران کنيل سڀني قدمن، خاص …

اسلام آباد- 09 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف سان ٽيليفون تي وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي جي تازي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، پرڏيهي وزير بختيار سيدوف پاڪستان جي قيادت جي واکاڻ ڪئي ۽ امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان پاران کنيل سڀني قدمن، خاص طور تي شروعاتي ٻن هفتن جي جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ازبڪستان جي مڪمل حمايت کان آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اميد جو اظهار ڪيو ته سفارتي ڪوششون ۽ رابطا خطي ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ مددگار ٽابت ٿيندا.