اسلام آباد- 09 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان فون تي خطي جي تازي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جنگ بندي جي ڀڃڪڙين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ جنگ بندي جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران سعودي پرڏيهي وزير سان فون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد- 09 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان فون تي خطي جي تازي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جنگ بندي جي ڀڃڪڙين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ جنگ بندي جي مڪمل احترام ۽ ان تي عملدرآمد جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ سعودي عرب جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي به اتفاق ڪيو.












