پاڪستاني قيادت عالمي سطح تي شديد ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سڄي دنيا کان واکاڻ ۽ شاباش حاصل ڪئي آهي: شيري رحمان

اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي اڳوڻي سفير سينيٽر شيري رحمان پاڪستان جي سفارتڪاري کي هڪ تاريخي عالمي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ڪاميابي سان دنيا هڪ وڏي بحران جو شڪار ٿيڻ کان بچي وئي، ڊگهي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ مسلسل ڳالهين جي ضرورت آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ شيري رحمان چيو ته پاڪستاني قيادت عالمي …

اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي اڳوڻي سفير سينيٽر شيري رحمان پاڪستان جي سفارتڪاري کي هڪ تاريخي عالمي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ڪاميابي سان دنيا هڪ وڏي بحران جو شڪار ٿيڻ کان بچي وئي، ڊگهي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ مسلسل ڳالهين جي ضرورت آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ شيري رحمان چيو ته پاڪستاني قيادت عالمي سطح تي شديد ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سڄي دنيا مان واکاڻ ۽ داد حاصل ڪيو آهي، اهو تاريخي ڪارنامو آمريڪا _ ايران جنگ بندي ۾ اهڙي وقت ۾ هڪ اهم ۽ سنگ ميل جي آهي جنهن وقت دنيا افراتفري جي ڪناري تي بيٺل آهي. شيري رحمان زور ڀريو ته ڳالهيون بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهڻ گهرجن، بنيادي مسئلن تي لچڪ برقرار رکي وڃي، هن خبردار ڪيو ته سوشل ميڊيا تي اسپائلرز يا سيز فائر جي ڪنهن به ڀڃڪڙي سان اڳڀرائي متاثر ٿي سگهي ٿي، هن تاڪيد ڪئي ته مسلسل سفارتڪاري ۽ تعميري مصروفيت ئي پائيدار امن جو واحد رستو آهي. پاڪستان جي عالمي سڃاڻپ کي اجاگر ڪندي هن چيو ته جڏهن دنيا جي وڏي حصي کي غير يقيني درپيش هئي ته پاڪستان جي قيادت پنهنجي شهرين کي رليف ۽ استحڪام فراهم ڪيو، اهڙي تاريخي لمحن ۾ اندروني سياست کي هڪ طرف رکڻ گهرجي. هن ان ڪاميابي کي ڏهاڪن ۾ بي مثال قرار ڏيندي چيو ته هي ڪنهن به طور تي هڪ معجزي کان گهٽ ناهي جيڪو عالمي سطح تي پاڪستان جي مضبوط ۽ قابل احترام ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو. هن خاص طور تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي مسلسل ڪوششن ۽ اسٽريٽجڪ مصروفيت کي ساراهيو. هن چيو ته سندن فيصلائتي قيادت دنيا کي بحران جي ڪناري کان پري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن سبب پاڪستان کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ملي، هن آمريڪا ۽ ايران کي اپيل ڪئي ته هو ان موقعي جو فائدو کڻندي بنيادي مسئلن جهڙوڪ پابنديون، سيڪيورٽي ضمانتون ۽ ڊگهي مدي واري استحڪام جو روڊ ميپ حل ڪن. هن چيو ته شروعاتي جنگ بندي کانپوءِ تڪرار ۾ واپسي کي روڪڻ لاءِ هڪ مسلسل ڳالهين وارو فريم ورڪ انتهائي ضروري آهي، ٻنهي ڌرين کي ايندڙ ڳالهين ۾ وڌيڪ لچڪ ۽ گڏيل اعتماد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.