پرڏيھه ۾ ترسيل پاڪستاني ملڪي معيشت جي رفتار کي مضبوط بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيا آھن: خرم شھزاد

اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي مشير خرم شھزاد چيو آھي ته پرڏيھه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي رفتار کي مضبوط بڻائڻ ۾ بدستور پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪري رھيا آھن، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جو ڏيهه اماڻيل ناڻو معاشي استحڪام ۽ پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي سھارو ڏيڻ جو اھم ذريعو بڻيل آھي. خميس ڏينھن سماجي رابطن جي ويب …

اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي مشير خرم شھزاد چيو آھي ته پرڏيھه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي رفتار کي مضبوط بڻائڻ ۾ بدستور پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪري رھيا آھن، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جو ڏيهه اماڻيل ناڻو معاشي استحڪام ۽ پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي سھارو ڏيڻ جو اھم ذريعو بڻيل آھي. خميس ڏينھن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنھنجي ھڪ پيغام ۾ ھن چيو ته مالي سال 2026ع جي پھرين 9 مھينن دوران مجموعي طور پرڏيھه مان اماڻيل ناڻو 30.3 ارب ڊالرز تائين پھچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو وڌيڪ آھي. ھن چيو ته مارچ 2026ع دوران پرڏيھه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان ڏيهه اماڻيل پرڏيھي مٽاسٽا جو ناڻو 3.8 ارب ڊالرز رھيو، جيڪو فيبروري 2026ع جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آھي. خرم شھزاد چيو ته هڪ ڪاٿي مطابق مالي سال 2026ع جي پڄاڻي تائين پرڏيھه مان آيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 41 ارب ڊالرز کان وڌي ويندو جڏھن ته مالي سال 2025ع ۾ اھو ڳاڻيٽو 38 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو ھو. ھن چيو ته پرڏيھه ۾ ترسيل پاڪستاني بدستور ملڪي معيشت جي رفتار کي تيز ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيا آھن ۽ انھن جو پرڏيھه مان اماڻيل ناڻو معاشي استحڪام ۽ پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي سھارو ڏيڻ ۾ اھم ذريعو بڻيل آھي.