سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران پير سيد عمران احمد شاهه جي والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير پير سيد عمران احمد شاهه جي والده جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين پير سيد عمران احمد شاهه ۽ سندس ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ماءُ جهڙي عظيم رشتي جو …

اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير پير سيد عمران احمد شاهه جي والده جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين پير سيد عمران احمد شاهه ۽ سندس ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ماءُ جهڙي عظيم رشتي جو وڇڙڻ وڏو نقصان آهي ۽ والده جي محبت ۽ شفقت جو ڪو نعم البدل ناهي. سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري. ڏک جي ان گهڙي ۾ اسان سڀ پير سيد عمران احمد شاهه ۽ سندس ڪٽنب جي ڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.