گڏيل قومن-09 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته انهن ڪارروائين جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي نائب ترجمان فرحان حق هڪ بريفنگ دوران چيو ته عالمي ادارو شهري حياتين جي نقصان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين تي زور ڏئي ٿو ته …
گڏيل قومن پاران لبنان تي اسرائيلي حملن جي شديد مذمت، جنگ بندي ۽ ڳالهين تي زور

مزید خبریں
گڏيل قومن-09 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته انهن ڪارروائين جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي نائب ترجمان فرحان حق هڪ بريفنگ دوران چيو ته عالمي ادارو شهري حياتين جي نقصان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين تي زور ڏئي ٿو ته هو سفارتي رستو اختيار ڪن ۽ فوري طور جنگ بندي ڪن. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو جنهن سان لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌيڪ جاني نقصان کي روڪي سگهجي ٿو، ان ڪري سمورين لاڳاپيل ڌرين کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي امن مشن کي به موجوده ڇڪتاڻ سبب خطرا درپيش آهن ۽ سمورين ڌرين تي لازم آهي ته ته هو عالمي قانونن جي پاسداري ڪن ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن ۽ ملڪيتن جي حفاظت يقيني بڻائين. هن اسرائيلي فوج پاران هڪ امن اهلڪار جي حراست جي واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته لبنان ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس جي مينڊيٽ ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت فوري طور تي بند ڪئي وڃي.











