سعودي عرب جي ولي عهد سان برطانوي وزيراعظم جي ملاقات، مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-09 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان جده ۾ برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ برطانيا وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو، اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي رخن ۽ مختلف شعبن ۾ انهن کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال، ان جي سلامتي …

رياض-09 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان جده ۾ برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ برطانيا وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو، اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي رخن ۽ مختلف شعبن ۾ انهن کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال، ان جي سلامتي ۽ اقتصادي اثرن کان علاوه گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي به ڳالهيون ڪيون. خطي جي سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي حوالي سان ڪيل سمورين ڪوششن جي حمايت تي زور ڀريو ويو.