آسٽريليا پاران آمريڪي غير يقيني وارين پاليسين سبب نوان عالمي اتحادي ٺاهڻ جو اعلان

ڪينبرا-09 اپريل (اي پي پي)آسٽريليا آمريڪا جي غير يقيني واري پاليسي سبب پنهنجا نوان عالمي اتحادي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريليا جي پرڏيهي وزير پيني وونگ چيو آهي ته سندس ملڪ آمريڪا کي اڃان به پنهنجو سڀني کان اهم اسٽريٽجڪ شراڪتدار سمجهي ٿو، پر آمريڪا جي وڌندڙ غير يقيني پاليسي سبب ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي به هٿي ڏني پئي وڃي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو …

ڪينبرا-09 اپريل (اي پي پي)آسٽريليا آمريڪا جي غير يقيني واري پاليسي سبب پنهنجا نوان عالمي اتحادي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريليا جي پرڏيهي وزير پيني وونگ چيو آهي ته سندس ملڪ آمريڪا کي اڃان به پنهنجو سڀني کان اهم اسٽريٽجڪ شراڪتدار سمجهي ٿو، پر آمريڪا جي وڌندڙ غير يقيني پاليسي سبب ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي به هٿي ڏني پئي وڃي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويزن مطابق آمريڪا عالمي سطح تي هڪ مختلف ڪردار اختيار ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ان جي پاليسين ۾ غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿي آهي. پيني وونگ چيو ته جيتوڻيڪ اسان آمريڪا سان ڪم جاري رکيو آهي، پر گڏو گڏ اسان انهن کي وڌائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته ڪينبرا تازن سالن ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي ملڪن سان رابطا مضبوط ڪيا آهن، جڏهن ته يورپي يونين، جاپان ۽ ڪينيڊا سان به لاڳاپن کي هٿي ڏني پئي وڃي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال ۾ آسٽريليا جي مفادن جي تحفظ لاءِ مختلف شراڪتداريون قائم ڪرڻ اڻٽر آهي.