وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان پاڪستان ۾ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان پاڪستان ۾ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن، توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاريءَ جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته آمريڪا ايران ڇڪتاڻ جي روشنيءَ ۾ جنگبنديءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ سفارتي اڳڀرائيءَ ۾ پاڪستان جي هاڪاري …

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان پاڪستان ۾ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن، توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاريءَ جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته آمريڪا ايران ڇڪتاڻ جي روشنيءَ ۾ جنگبنديءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ سفارتي اڳڀرائيءَ ۾ پاڪستان جي هاڪاري ۽ فعال ڪردار کي ساراهي ٿو، پاڪستان جي هاڪاري ڪردار تي پاڪستان حڪومت جو شڪريو ادا ڪريون ٿا، اها اميد به ڪريون ٿا ته ڄاڻايل ڳالهين واري عمل ۾ پڻ پاڪستان اثرائتو ڪردار ادا ڪندو. وفاقي وزير ان موقعي تي ڪئنيڊين حڪومت تي زور ڀريو ته هو خطي ۾ جٽادار امن جي قيام ۽ ڳالهين کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو فعال ۽ تعميري ڪردار ادا به ڪري. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب توانائيءَ جي شعبي بابت ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير چيو ته گذريل سال پاڪستان پنهنجي انرجي مڪس ۾ تقريبن 55 سيڪڙو حصو صاف توانائي مان حاصل ڪيو، جيڪو حڪومتي پاليسين جي صحيح رُخ جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته تازن تجربن جي روشنيءَ ۾ حڪومت بجليءَ جي شعبي کي غير متوقع حالتن کان محفوظ بڻائڻ لاءِ اثرائتي ۽ جٽادار قدم کڻي رهي آهي جن ۾ پن بجلي کي هٿي وٺرائڻ به شامل آهي ته جيئن نظام ۾ وڌيڪ پائيدار ۽ گهٽ لاڳت بجلي شامل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومتي ٻاهران گُهرايل ڪوئلي تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جي امڪانن جو تفصيلي جائزو وٺي رهي آهي. اويس لغاري بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز جي حوالي سان ٻُڌايو ته حڪومت ٽيڪنالاجي کي يوٽيلٽي سطح تي متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ نجي شعبي جي سيڙپڪاري جي به حوصله افزائي ڪري رهي آهي. هاءِ ڪمشنر انهن قدمن کي ساراهيندي چيو ته برقي گاڏين جي وڌندڙ استعمال کي نظر ۾ رکندي بيٽريز جي محفوظ ۽ ماحول دوست اختيار ڪرڻ لاءِ اڳواٽ حڪمت عملي به اڻٽر آهي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته جلد ئي ٽائيم آف يوز ٽيرف متعارف ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون جنهن سان بجلي جي اثرائتي استعمال کي هٿي ملندي ۽ وڌيڪ بجلي جي استعمال سان صنعتي صارفين کي واڌو بجلي سستي اگهه تي ملندي. هن چيو ته تقريبن ٻه سال اڳ بجلي جي شعبي کي درپيش چئلينجز کي نظر ۾ رکندي غير ضروري رٿائن تان هٿ کنيو ويو ۽ هاڻ گهٽ لاڳت تي ٻَڌل پائيدار حڪمت عمليءَ تحت سڌارن تي عمل پيرا آهي. ملاقات ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي به تفصيلي ڳالهيون ٿيون. هاءِ ڪمشنر ٻُڌايو ته ڪينيڊا جي ڪمپني جي سي ايم پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي رکي ٿي. ان تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ چٽاڀيٽي بجلي مارڪيٽ، ٽرانسميشن انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪري ٿي. ٻنهي ڌُرين ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ٽيمن وچ ۾ وڌيڪ فني سطح تي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هاءِ ڪمشنر وڌيڪ ٻُڌايو ته هلندڙ گرمين جي موسم ۾ ڪينيڊا ۾ هڪ عالمي توانائي نمائش منعقد ٿي رهي آهي جيڪا پاڪستاني ماهرن لاءِ سکڻ ۽ ۽ عالمي رابطن کي هٿي وٺڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندي. وفاقي وزير ان آڇ کي ساراهيندي چيو ته ان نوعيت جا پليٽ فرامز ٽيڪنالاجيءَ جي مٽاسٽا ۽ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.