نواز شريف پاران وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي تعريف

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف چيو آهي ته مان وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تعريف ڪريان ٿو جنهن هڪ وڏي عالمي بحران کي روڪڻ ۽ ايران آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ ۾ غير معمولي سفارتي ڪوششون ڪيون. ايڪس تي جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو …

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف چيو آهي ته مان وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تعريف ڪريان ٿو جنهن هڪ وڏي عالمي بحران کي روڪڻ ۽ ايران آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ ۾ غير معمولي سفارتي ڪوششون ڪيون. ايڪس تي جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي قيادت جي به تعريف ڪريان ٿو ته هنن امن جو رستو اختيار ڪيو. نواز شريف اميد ظاهر ڪئي ته اهي قدم عالمي سطح تي جٽادار استحڪام طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿيندا.