اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عارضي جنگبندي کي تاريخ جو شاندار لمحمو قرار ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته اسلام آباد ڳالهه ٻولهه سان جنگ جا شعلا سدائين جي لاءِ وسامجي ويندا، ايراني ۽ آمريڪي ليڊرشپ جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جن جنگبندي ۽ امن جي لاءِ منهنجي درخواست کي پذيرائي بخشي، سفارتي محاذ تي ڪاميابي سياسي ۽ عسڪري قيادت …
اسلام آباد ڳالهه ٻولهه سان جنگ جا شعلا سدائين جي لاءِ وسامجي ويندا، سفارتي محاذ تي ڪاميابي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ممڪن ٿي: وزيراعظم شهباز شريف جو ڪابينا جي اجلاس کي خطاب
اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عارضي جنگبندي کي تاريخ جو شاندار لمحمو قرار ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته اسلام آباد ڳالهه ٻولهه سان جنگ جا شعلا سدائين جي لاءِ وسامجي ويندا، ايراني ۽ آمريڪي ليڊرشپ جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جن جنگبندي ۽ امن جي لاءِ منهنجي درخواست کي پذيرائي بخشي، سفارتي محاذ تي ڪاميابي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي يڪجهتي ۽ اڻٿڪ محنت جي ڪري ممڪن ٿي. الله تعاليٰ سفارتي محاذ تي عظيم ڪاميابي سان نوازيو آهي، ڀاءُ کي ڀاءُ ۽ هڪ خدا، هڪ رسول ۽ هڪ قرآن کي مڃيندڙن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي لاءِ اندروني ۽ ٻاهريون سازشون ناڪام ٿيون، اڄ جو پاڪستان بدليل پاڪستان آهي، پوري دنيا اڄ پاڪستان کي ساراهي رهي آهي، جهڙي طرح اسان مهانگائي جي قيامت خيز طوفان جو رستو روڪيو آهي اها ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان هڪ اهڙي موقعي تي گڏ ٿيا آهيون جڏهن پاڪستان کي الله تعاليٰ پنهنجي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سان اها عزت عطا فرمائي آهي هو جيڪڏهن ڪير سڄي عمر ان جي لاءِ ڪوشش ڪندو رهي ته الله تعاليٰ جي مرضي کانسواءِ نه ٿي ملي سگهي، ان ۾ سڀني جون گڏيل ڪوششون، خلوص، محنت، امانت ۽ ديانت ۽ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي مسلمان ڀائرن ۽ دوست ملڪن سان جنگ جي باهه کي ٿڌو ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون شامل آهن ان تي الله تعاليٰ آڏو شڪرگذار آهيون، پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام کي الله تعاليٰ سرخرو ڪيو آهي، جنگ جا شعلا نه رڳو هن خطي پر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهيا هئا، جنگ شروع ٿئي اٽڪل هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو هو هاڻي ان جنگ جا شعلا ٻن هفتن جي لاءِ وسامجي ويا آهن، انشاءَ الله سدائين جي لاءِ وسامجي ويندا، پارٽنرشپ، خلوص ۽ نيڪ نيتي جي هڪ نقطي تي سياسي ۽ عسڪري قيادت گڏ ٿي آهي ۽ گڏ رهندي. وزيراعظم چيو ته جنگ دوران ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ۽ فروعي مسئلا کڻي خدانخواسته مختلف مڪتبه فڪر جي پوئلڳن کي جيڪي هڪ خدا، هڪ رسول ۽ هڪ ڪتاب جا مڃيندڙ آهن پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي پر اندروني ۽ ٻاهريون سازشون ناڪام ٿي ويون آهن. وزيراعظم چيو ته جيڪا عزت ۽ تڪريم پاڪستان کي ملي آهي اها صدين ۾ الله تعاليٰ ڪنهن کي عطا ڪري ٿو اهو ملڪي تاريخ ۾ هڪ روشن لمحو آهي، ٽوڪيو کان وٺي لنڊن تائين ۽ ڪاسابلانڪا کان وٺي ڪوالالمپور تائين ماڻهن ۽ ميڊيا ۾ پاڪستان جو ذڪر ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم ڏينهن رات اڻٿڪ محنت ڪئي آهي، ان سان گڏوگڏ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ آمريڪي ۽ ايراني قيادت سان رابطي ۾ رهيو جنهن تي کيس ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، امن جي ڪوششن جي اها هڪ اهڙي تصوير ۽ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن کي جيڪڏهن ڪتابي شڪل ۾ آندو وڃي ته ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ تمام وڏو سبق هوندو ته ڪهڙي طرح مايوسي جي حالت ۾ به مايوس ناهي ٿيڻو پر الله تعاليٰ کان مدد گهربي آهي. وزيراعظم چيو ته ايراني ۽ آمريڪي ليڊرشپ جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته جن منهنجي درخواست کي پذيرائي بخشي ۽ امن جي لاءِ پاڪستان جي سنجيدگي ۽ خلوص کي انهن قبول ڪيو، ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جن ٻن هفتن جي لاءِ جنگبندي تي اتفاق ڪيو، سعودي عرب، قطر، اومان، ڪويت، ترڪيه، انڊونيشيا، مصر، آذربائيجان، گڏيل عرب امارات ۽ اسان جي عظيم دوست چين سڀني جو ٿورائتو آهيان جو انهن امن ڪوششن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ساڻس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ انڊسٽريل ڪمپليڪس ۽ جبيل ۾ پيٽرول ڪيميڪل انڊسٽريز تي حملي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته پاڪستان جي پوري قوم، قيادت ۽ حڪومت توهان سان گڏ بيٺل آهي ۽ توهان کي اسان ڪڏهن به مايوس نه ڪنداسين. هن چيو ته مون کي توهان تي پورو يقين آهي پاڪستان ۽ سعودي عرب ٻه ڀائر ۽ هڪ خاندان آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ جيڪو ڪوآرڊينيشن ۽ رابطو هن وقت آهي مون پنهنجي پوري 40 سالا سياسي ڪيريئر ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، ان جي لاءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته هو نه رڳو مئي 2025ع جي جنگ جو هيرو آهي پر اڄ به هن سياسي قيادت سان گڏ قدم سان قدم ملائي ڏينهن رات ڪوششون ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته جنگ وقتي طور تي رڪجي وئي آهي ۽ جنگبندي پهريون قدم آهي پر اسان جي منزل پائيدار امن ۽ ترقي ۽ خوشحالي آهي، منهنجي دعوت تي آمريڪي ۽ ايراني وفد پاڪستان پهچي رهيا آهن، ان ڳالهه ٻولهه کي الله تعاليٰ ڪامياب ڪري ۽ ترقي ۽ خوشحالي جا دروازا کلي وڃن. وزيراعظم چيو ته چئلينج هڪ موقعو به هوندو آهي جهڙي طرح اسان مهانگائي جي قيامت خيز طوفان جو رستو رڪيو آهي اها ڪا معمولي ڳالهه نه آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ پيٽرول جي لاءِ لائينون لڳل هيون ۽ راشننگ شروع ٿي وئي هئي پر اسان پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون پهرين هفتي 55 رپيا في ليٽر وڌايون پر پوءِ 129 ارب رپيا سبسڊي جي مد ۾ وفاقي حڪومت برداشت ڪيا آهن. وزيراعظم بحران واري صورتحال ۾ ڀرپور معاونت ۽ رهنمائي تي صدر آصف علي زرداري جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي قائد ميان محمد نواز شريف جا پڻ دل جي گهرائين سان ٿورا ادا ڪري ٿو جنهن هر قدم تي سندس رهنمائي ڪئي. وزيراعظم وفاقي وزيرن، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، خاص معاونين، صلاحڪارن، اتحادي پارٽين جي قائدين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن جا پڻ تعاون تي ڀرپور ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته اڄ جو پاڪستان هڪ بدليل پاڪستان آهي ۽ اها ڪاميابي عام ماڻهو، هاريءَ، آبادگار، مزدور، دڪاندار، سياستدانن، بيواهن، يتيمن، سرڪاري آفيسرن سميت پوري قوم جي ڪاميابي آهي.












