وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا پاران جمعي ڏينهن جنگبندي جي مستقل امن ۾ تبديلي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن جي اپيل

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي ڪابينا قوم کي وچ اوڀر ۾ جنگبندي ۽ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي مثبت نتيجن تي الله تعاليٰ آڏو شڪر ادا ڪرڻ ۽ جنگبندي جي مستقل امن ۾ تبديلي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائن جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد …

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي ڪابينا قوم کي وچ اوڀر ۾ جنگبندي ۽ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي مثبت نتيجن تي الله تعاليٰ آڏو شڪر ادا ڪرڻ ۽ جنگبندي جي مستقل امن ۾ تبديلي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائن جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، وزيراعظم جي ڪابينا اجلاس ۾ اچڻ تي پورو هال تاڙين سان گونجي اٿيو، وزيراعظم سمورن ڪابينا ميمبرن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي نار ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ جنگبندي جي لاءِ جاري پاڪستان جي قدمن ۽ ڪوششن جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي جنگبندي ۽ خطي ۾ امن جي ڪوششن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا قوم کي جمعي ڏينهن پاڪستان جي ڪوششن جي مثبت نتيجن تي الله تعاليٰ آڏو شڪر ادا ڪرڻ ۽ جنگبندي جي مستقل امن ۾ تبديلي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ڪابينا ميمبرن پاڪستان جي سفارتي محاذ تي ڪوششن ۽ ان تي سڄي دنيا ۾ پذيرائي کي تاريخي قرار ڏيندي ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ محنت جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن جي ڪري خطو مستقل امن طرف تيزي سان گامزن آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز انتهائي ڏکئي ۽ نااميدي واري ماحول ۾ ڌرين کي جنگبندي تي راضي ڪري سڄي دنيا ۾ پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو آهي.