اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي ڪوششن سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٻن هفتن جي جنگبنديءَ کانپوءِ عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ڪالهه ڪچي تيل جي عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي قيمتن ۾ 18 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. عالمي مارڪيٽ برينٽ خام آئل جي قيمت 16.31 سيڪڙو جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 92.96 ڊالر في بيرل ۽ ويسٽ …
جنگبنديءَ جي اعلان کانپوءِ عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ
اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي ڪوششن سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٻن هفتن جي جنگبنديءَ کانپوءِ عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ڪالهه ڪچي تيل جي عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي قيمتن ۾ 18 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. عالمي مارڪيٽ برينٽ خام آئل جي قيمت 16.31 سيڪڙو جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 92.96 ڊالر في بيرل ۽ ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) جي قيمت 18.04 سيڪڙو جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 94.91 ڊالر في بيرل ٿي وئي، ان سان گڏوگڏ سون جي قيمت 2.80 سيڪڙو جي واڌ کانپوءِ 4837 ڊالر في اونس جڏهن ته چانديءَ جي قيمت ۾ 6 سيڪڙو واڌ ٿي. ڪڻڪ جي مستقبل جا سودا 3.20 سيڪڙو جي گهٽتائيءَ کان 570.05 ڊالر في بشل ۽ سويابين جا سودا 0.18 سيڪڙو جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 1156.14 ڊالر ۾ طئي ٿيا، ڪوئلي جي قيمت ۾ 0.4 سيڪڙو ۽ اسٽيل جي قيمت ۾ 0.3 سيڪڙو جي واڌ ٿي.












