وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاران ايران- آمريڪا جنگبنديءَ جي روشنيءَ ۾ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي خراجِ تحسين

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ايران- آمريڪا جنگبنديءَ جي روشنيءَ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان وقت سر ۽ اثرائتي سفارتڪاريءَ ذريعي خطي کي هڪ وڏي بحران کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڏُکين حالتن ۾ پاڪستان جي …

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ايران- آمريڪا جنگبنديءَ جي روشنيءَ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان وقت سر ۽ اثرائتي سفارتڪاريءَ ذريعي خطي کي هڪ وڏي بحران کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڏُکين حالتن ۾ پاڪستان جي دانشمنداڻي حڪمتِ عملي امن جي راهه هموار ڪئي ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان عالمي برادري ۾ هڪ ذميدار ۽ امن پسند رياست طور پنهنجي ساک وڌيڪ مضبوط ڪئي آهي. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي متحرڪ سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سندس ڪوششن هاڪاري نتيجن کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ کي خطي ۾ جٽادار امن جي قيام طرف هڪ اهم قدم قرار ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي متوازن، هاڪاري ۽ تعميري سفارتڪاريءَ کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي. ان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان مستقبل ۾ به امن، استحڪام ۽ـ علائقائي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو فعال ڪردار جاري رکندو.