اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ايران آمريڪا جنگبنديءَ تي دل جي گهرائين سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي واڌايون پيش ڪريان ٿو. جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستاني قيادت آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي کي يقيني بڻايو، اسان جي تعميري سفارتڪاري عالمي سطح تي اثرائتي ثابت …
ايران آمريڪا جنگبنديءَ تي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو: انجنيئر امير مقام
اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ايران آمريڪا جنگبنديءَ تي دل جي گهرائين سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي واڌايون پيش ڪريان ٿو. جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستاني قيادت آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي کي يقيني بڻايو، اسان جي تعميري سفارتڪاري عالمي سطح تي اثرائتي ثابت ٿي. انجنيئر امير مقام چيو ته آمريڪا ۽ ايران جنگبندي پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي، وزيراعظم جو ٽوئيٽ سڄي دنيا جي ميڊيا جي زينت بڻجي ويو. هن چيو ته وزيراعظم جي ٽوئيٽ کي دنيا جي سمورن وڏن چينلز ۽ اخبارن ٽاپ اسٽوري تي جاءِ ڏني ۽ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.












