پاڪستان جو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ۾ اهم ڪردار اسلام آباد ٽاڪس ايڪس تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان جو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ۾ اهم ڪردار اسلام آباد ٽاڪس ايڪس تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، ايران جنگبنديءَ ۾ اثرائتي سفارتڪاري ۽ ڪامياب ملٽري ڊپلوميسيءَ عيوض عالمي منظرنامن ۾ پاڪستان عالمي سطح تي سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو آهي. سوشل ميڊيا پيلٽ فارم ايڪس تي صارفين پاڪستاني حڪومت ۽ عسڪري قيادت جي ڀرپور پذيرائي ڪئي ۽ کيس عالمي …

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان جو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ۾ اهم ڪردار اسلام آباد ٽاڪس ايڪس تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، ايران جنگبنديءَ ۾ اثرائتي سفارتڪاري ۽ ڪامياب ملٽري ڊپلوميسيءَ عيوض عالمي منظرنامن ۾ پاڪستان عالمي سطح تي سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو آهي. سوشل ميڊيا پيلٽ فارم ايڪس تي صارفين پاڪستاني حڪومت ۽ عسڪري قيادت جي ڀرپور پذيرائي ڪئي ۽ کيس عالمي امن جو سفير قرار ڏنو. عالمي اڳواڻن طرفان به آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبنديءَ ۾ ٽياڪڙي طور پاڪستان جي نتيجو ڏيندڙ ڪردار جي ڀرپور تعريف ڪئي پئي وڃي. صارفين چيو ته پاڪستان آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جنگبنديءَ لاءِ وقت سر ۽ اثرائتا قدم کنيا، پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري خطي کي وڏي تباهيءَ کان بچائي ورتو. ماهرن چيو آهي ته جنگبندي ۾ پاڪستان جي مُک ڪردار نه صرف ملڪ جو وقار بلند ڪيو پر خطي جي معاشي ۽ دفاعي مفاد ۾ آهي، اها ڳالهه انتهائي تعريف جوڳي آهي ته دنيا ۾ امن جا فيصلا هاڻ پاڪستان ۾ ٿيندا.