وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه پاران وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ ڪامياب ٽياڪڙيءَ تي کيس خراجِ تحسين

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ جنگبنديءَ ۾ ڪامياب ٽياڪڙيءَ تي کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي تعميري سفارتڪاري عالمي سطح تي اثرائتي ثابت ٿي، مستقبل لاءِ امن ۽ ڀائيواري پاڪستان جي پهرين ترجيح آهي. ڪالهه آءِ ٽي واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير، محمد شهباز …

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ جنگبنديءَ ۾ ڪامياب ٽياڪڙيءَ تي کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي تعميري سفارتڪاري عالمي سطح تي اثرائتي ثابت ٿي، مستقبل لاءِ امن ۽ ڀائيواري پاڪستان جي پهرين ترجيح آهي. ڪالهه آءِ ٽي واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير، محمد شهباز شريف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو جنگبنديءَ ۾ ڪامياب ٽياڪڙيءَ تي شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو امن، ڳالهين ۽ علائقائي استحڪام لاءِ عزم هڪ ڀيرو ٻيهر نمايان طور ظاهر ٿيو آهي. هن چيو ته ايران، آمريڪا ۽ اتحادين وچ ۾ جنگبنديءَ ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، اها ڪاميابي اعليٰ درجي جي دانشمنداڻي، استقامت ۽ قيادت جي عڪاسي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تعميري سفارتڪاري عالمي سطح تي اثرائتي ثابت ٿي، پاڪستان کي عالمي امن کي هٿي وٺرائڻ ۽ اثرائتي سفارتڪاريءَ تي نوبل انعام ملڻ گهرجي. وفاقي وزير اسلام آباد ڳالهين کي جٽادار امن طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته خطي ۾ بامعنيٰ ڳالهين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جو ڪردار هميشه کان فخر جوڳو رهيو.