توانائي واري وفاقي وزير پاران آمريڪا-ايران جنگبندي کي يقيني بڻائڻ تي وزيراعظم محمد شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي مبارڪون

اسلام آباد - 08 اپريل (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي کي يقيني بڻائڻ تي وزيراعظم محمد شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي مبارڪون پيش ڪيون آھن. گذريل ڏينھن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ھڪ ٽوئيٽ ۾ ھن چيو ته ڪالھه اھو ناممڪن لڳي رھيو ھو، پر الله جي فضل ۽ ڪرم سان ٻنھي …

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي کي يقيني بڻائڻ تي وزيراعظم محمد شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي مبارڪون پيش ڪيون آھن. گذريل ڏينھن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ھڪ ٽوئيٽ ۾ ھن چيو ته ڪالھه اھو ناممڪن لڳي رھيو ھو، پر الله جي فضل ۽ ڪرم سان ٻنھي اڳواڻن ناممڪن کي ممڪن بڻايو ۽ ھن سموري خطي کي تباھي ۽ انتشار کان بچائي ورتو آهي. ھن انھن قدمن کي بھترين سفارتڪاري قرار ڏيندي چيو ته اھو نوبل انعام لاءِ ھڪ مثالي ڪيس آھي.