بيجنگ-08 اپريل (اي پي پي) چين آمريڪا ايران جنگبنديءَ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لاڳاپيل ڌُرين طرفان جنگبنديءَ جي اعلان جي آجيان ڪندي پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته هڪ ذميدار وڏي رياست طور چين خطي ۾ امن امان جي بحاليءَ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن …
چين طرفان آمريڪا ايران جنگبنديءَ جي آجيان

مزید خبریں
بيجنگ-08 اپريل (اي پي پي) چين آمريڪا ايران جنگبنديءَ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لاڳاپيل ڌُرين طرفان جنگبنديءَ جي اعلان جي آجيان ڪندي پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته هڪ ذميدار وڏي رياست طور چين خطي ۾ امن امان جي بحاليءَ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هاڪاري قدم کڻندو.











