گڏيل قومون _ 8 اپريل(اي پي پي) گڏيل قومن واضع ڪيو آهي ته ڪنهن به فوجي مقصد تحت شهري آبادي کي تڪليف پهچائڻ يا ڪنهن معاشري جي بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪرڻ هرگز جائز ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو ته اهڙي بيان سبب ڳڻتي وڌي وئي آهي جنهن ۾ سموري شهري آبادي يا تهذيب کي نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي …
ڪنهن به ملڪ جي شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون ۾ ان جو ڪو جواز ناهي: گڏيل قومن جو سخت موقف

مزید خبریں
گڏيل قومون _ 8 اپريل(اي پي پي) گڏيل قومن واضع ڪيو آهي ته ڪنهن به فوجي مقصد تحت شهري آبادي کي تڪليف پهچائڻ يا ڪنهن معاشري جي بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪرڻ هرگز جائز ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو ته اهڙي بيان سبب ڳڻتي وڌي وئي آهي جنهن ۾ سموري شهري آبادي يا تهذيب کي نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني وڃي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جو سربراهه ان ڳالهه تي زور ڀري ته تڪرار جو خاتمو تڏهن ممڪن آهي جڏهن قيادت تباهي بدران ڳالهين جو رستو اختيار ڪري. هن چيو ته اها چونڊ هاڻي به موجود آهي ۽ ان کي فوري طور تي اختيار ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سفارتي ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي ۽ آبنائي هرمز ۾ سامونڊي اچ وڃ کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪري سگهجي.











